تتر جي تصوير

تتر جي تصوير

پٽ تتر ڊگوش

پٽ تتر ڊِگوش Pin-tailed Sandgrouse/ Pterocles alchata: سنڌ ۾ ھي پکي پٽ تتر جو هڪ ٻيو نسل آھي. ھن پٽ تتر کي اکين کان ٻاهر ڪجل جھڙي ڪاري ليڪ نڪتل ٿئي ٿي. هن جي پٺيءَ تي گول چٽ ۽ ڳچيءَ تي سُرخ پٽو هوندو آهي، جنهن کي هيٺان ۽ مٿان ڪاريون ليڪون هونديون آهن. هن ڊگهه پُڇي پَٽ تتر جي سِسِي ڳچيءَ تائين هلڪي ڳاڙهسري پيلي هوندي آهي ۽ ڇاتيءَ تي اڇا کنڀ هوندا آهن. هن جي ماديءَ جو رنگ ڪجهه مختلف ٿئي ٿو. هن پکيءَ جي رهائش وارا علائقا سنڌ، بلوچستان، ڪوهه قاف، ايران ۽ اتر آفريڪا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو